مائرن جي سمارٽ فونز کان وڌيڪ دوستي ٻارن تي ناڪاري اثر پوندا آهن، آمريڪي محققن جو مڃڻ آهي ته مائرون سمارٽ فونز جي استعمال سبب ٻارن سان گهٽ ڳالهائينديون آهن.
محققن موجب جيڪي مائرون سمارٽ فونز جو گهڻو استعمال ڪنديون آهن، انهن جي ٻارن کي ڳالهائڻ جي صلاحيت متاثر ٿي سگهي ٿي.
فونز تي گهڻو وقت گذارڻ وارين مائرن جو ٻارن سان 16 سيڪڙو گهٽ ڳالهائو ٿيندو آهي ۽ گڏوگڏ اهي ٻارن جي پريشاني جو سبب بڻجنديون آهن.
جڏهن ٻار اهو ڏسندو آهي ته ان کان وڌيڪ ڌيان سمارٽ فونز کي ڏني پئي وڃي ته هو به سمارٽ فونز کي ڏسندو آهي، جيڪڏهن مائرون فون کي هٿ لڳائڻ نه به ڏين تڏهن به اهو فيصلو غلط ثابت ٿيندو آهي.
ڇو ته ٻار فون جي ويجهو وڃڻ سان والدين کان پري ته ٿيندو ئي آهي ۽ جيڪڏهن ماءَ پاڻ فون جي ويجهو هجي ۽ ٻار کي پري ڪري ڇڏي ته ان سان ٻار اهڙو ناڪاري تاثر وٺندو آهي جنهن جو تدارڪ ممڪن به ناهي.
محققن هدايت ڪئي آهي ته نوان والدين پنهنجي ٻارن جي ڳالهائڻ تي ناڪاري اثرن جو مطالعو ڪن.
MobileDevices children parents
You might also like