پاڪستان جي سينيئر اداڪارا عذرا منصور اداڪارا ماورا حسين بابت ٻڌايو ته هوءَ شوٽنگ ڇڏي پهريان نماز پڙهندي آهي ۽ پوءِ اڻپورو ڪم پورو ڪندي آهي.
سينيئر اداڪارا هڪ انٽرويوءَ دوران چيو ته مان اِهو نٿي چوان ته هر ڪوئي مذهبي هجي، اسان انسان آهيون، انسان خطا جو گهر آهي پر انڊسٽريءَ ۾ کوڙ فنڪار اهڙا آهن جيڪي واقعي مذهبي آهن ۽ مذهب جي ويجهو آهن.
عذرا منصور پنهنجي انٽرويو دوران ڊراما سيريل جفا جي شوٽنگ جي ڏينهن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته تازو ماورا حسين ۽ محب مرزا سان جفا ۾ ڪم ڪيو آهي، ٻئي ڊرامي جي شوٽنگ دوران وقت ڪڍي نماز ادا ڪندا هئا.
هن وڌيڪ چيو ته ماورا کي ڏسي خوشي ٿيندي آهي، هوءَ سدائين شوٽنگ اڌ ۾ ڇڏي پهريان نماز پڙهندي هئي ۽ پوءِ واپس اچي سين شوٽ ڪرائيندي هئي.