ڪجهه ڪلاڪن جي برسات ٽورنٽو شهر کي ٻوڙي ڇڏيو، اُڏامون معطل، بجلي جو نظام ڊانوا ڊول

ٽورنٽو ( ويب ڊيسڪ ) ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ برسات سڄي شهر کي ٻوڙي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽورنٽو شهر ۾ سئو ملي ميٽر برسات سبب روڊن تلاءَ جو منظر پيش ڪرڻ لڳا، يونين ٽرين اسٽيشن به پاڻي هيٺ اچي وئي ۽ شهر ۾ هن وقت ٻوڏ واري صورتحال آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، تيز برساتن کانپوءِ ڪيئي اُڏامون دير جو شڪار آهن ۽ ڪجهه اُڏامون معطل ڪيون ويون آهن جڏهن ته ٽورنٽو ۾ هڪ لک 60 هزار کان وڌيڪ گهر بجليءَ جي سهولت کان محروم ٿي ويا آهن.
رپورٽ موجب، ٽورنٽو پيئرسن هوائي اڏي واري علائقي ۾ 96 ۽ بلي بشپ ايئرپورٽ واري علائقي ۾ 82 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
ميڊيا رپورٽس موجب، ٽورنٽو ۾ ۾ اڄ تائين هڪ ڏينهن ۾ جيڪا سڀ کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي اِها 2013 ۾ پيئرسن ايئرپورٽ واري علائقي ۾ ٿي جيڪا 126 ملي ميٽر هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.