ڀارت جي اڳواڻي ڪرڪيٽرن هرڀجن سنگهه، يوراج سنگهه ۽ سريش رائنا تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان معذور ماڻهن جي ٺٺول جو الزام مڙهيو ويو آهي.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽرن ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ٽورنامينٽ کٽڻ جي خوشي ۾ هڪ وڊيو ٺاهي جنهن کانپوءِ سندن خلاف ڪيس لاءِ شڪايت داخل ڪئي وئي آهي.
اڳوڻي ڀارتي آف اسپنر هرڀجن سنگهه انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن کانسواءِ يوراج سنگهه، سريش رائنا ۽ گورڪيرت مان جلد ئي رليز ٿيندڙ فلم بيڊ نيوز جي مشهور گيت ” توبه توبه “ تي منڊڪائيندي هلڻ جي اداڪاري ڪري رهيا آهن.
هرڀجن وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ اداڪار وڪي ڪوشل ۽ گلوڪارا ڪرن آوجلا کي ٽيگ ڪندي لکيو ته ليجنڊز ڪرڪيٽ جي 15 ڏينهن اندر باڊي جي توبهه توبهه ٿي وئي آهي، جسم جو انگ انگ ڏُکي رهيو آهي.
وڊيو وائرل ٿيندي ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن ڀارتي ڪرڪيٽرن کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي پاڪستاني رانديگرن جي تذليل ڪرڻ سان گڏوگڏ معذور ماڻهن جي مزاق اُڏائڻ جو الزام لڳايو.
ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ هو ته ڀارتي ڪرڪيٽرز پاڪستان جي سينيئر رانديگر جيڪي ليجنڊز ليگ جو حصو هئا، مٿن ٺوٺول ڪئي آهي جڏهن ته ڪجهه چيو ته اهڙو عمل معذرو ماڻهن جي دل آزاري جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ڀارت جي پيرا بيڊمنٽن اسٽار مناسي جوشي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڀارتي ڪرڪيٽرن کي سندن عمل کي ” بيحسي“ قرار ڏيندي لکيو ته اوهان جهڙن رانديگرن مان ذميواراڻي رويي جي اميد هئي، اِها ڪائي مذاق ناهي.
هرڀجن سنگهه جي معافي
معاملو سنگين ٿيڻ تي هرڀجن سنگهه وڊيو ڊليٽ ڪري ڇڏي ۽ سوشل ميڊيا تي معافي نامو شيئر ڪيو، هن چيو ته سندن مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو، انگلينڊ ۾ چيمپيئن شپ کٽڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدار اسان جي تازي وڊيو تي تنقيد ڪري رهيا آهن، کين واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان هر فرد ۽ برادري جو احترام ڪيون ٿا.
هن وضاحت ڏيندي چيو وڊيو جو مقصد رڳو اِهو ڏيکارڻ هو ته پندرنهن ڏينهن تائين مسلسل ڪرڪيٽ کيڏڻ کانپوءِ ٿڪ سبب اسان جي جسم جو ڪهڙو حشر ٿي رهيو آهي.
ڪرڪيٽرن خلاف شڪايت داخل
وائرل وڊيو کانپوءِ هاڻ معذور ماڻهن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ گروپ نيشنل سينٽر فار آف امپلائمينٽ ايبلڊ پيپل ( اين سي پي اي ڊي ) جي ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر ارمان علي ان کي معذور ماڻهن جي قانون 2016 جي سيڪشن 92 جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي ڪرڪيٽر خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي شڪايت ڪئي آهي.
Prev Post
You might also like