لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي 9 مئي جي ٽن ڪيس ۾ ڪچيون ضمانتون خارج ڪرڻ خلاف درخواستون 22 جولاءِ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف باني جي 9 مئي جي ٽن ڪيسن ۾ ڪچيون ضمانتون خارج ٿيڻ خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس شهرام سرور ۽ جسٽس امجد رفيق تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
عدالت تحريڪ انصاف باني جي درخواستن تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا.
رجسٽرار آفيس طرفان اعتراض ڪيو ويو ته درخواستن ۾ تحريڪ انصاف باني جي آڱوٺن جا نشان نه آهن، هڪ ڪيس جي درخواست ۾ ايف آءِ آر جي ڪاپي لف ناهي.
عدالت اعتراض ختم ڪندي تحريڪ انصاف باني جون ضمانتون خارج ڪرڻ خلاف درخواستون 22 جولاءِ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
تحريڪ انصاف باني دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ 9 مئي جي ڪيسن ۾ حقيقتن جي ابتڙ ضمانتون خارج ڪيون.
9maycase ImranKhan LHC