” مسلسل تڪليف ۾ آهيان“ڪئنسر سان جهيڙيندڙ حنا خان جي پوسٽ مداحن کي ڇرڪائي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڇاتيءَ جي ڪئنسر جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندڙ ڀارتي اداڪارا حنا خان پاڻ مٿان گذرندڙ صورتحال بابت پنهنجي مداحن ۽ نقادن کي آگاهه ڪري ڇڏيو.
اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته پهرين ڪيموٿراپي ٿي چڪي آهي ۽ هوءَ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجا اڻپورا پروجيڪٽ مڪمل ڪرڻ ۾ لڳي وئي آهي.
حنا خان وڊيو جي ڪيپشن ۾ هدايت نما انداز ۾ لکيو ته ڪئنسر جي علاج دوران معمول موجب ڪم ڪريو، ڪئنسر جي نشاندهي کانپوءِ مون شوٽنگ شروع ڪري ڇڏي آهي، گهمڻ ڦرڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي ۽ خاص طور تي تڏهن جڏهن اوهان کي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻو هوندو آهي.
سندس وڊيو تي ڪيئي واهپيدارن ناڪاري تبصرا ڪيا ۽ اداڪرا جي ايتري سخت بيماري ۾ ٻيهر ڪم ڪرڻ تي سوال اُٿاري ڇڏيا.
هاڻ اداڪارا انسٽاگرام جي هڪ اسٽوري تي پنهنجي حالت بابت ٻڌايو آهي.
حنا خان لکيو ته مسلسل تڪليف ۾ آهيان، جي ها، مسلسل، جيڪڏهن ڪو شخص مسڪرائي رهيو آهي ته ان جو مطلب اِهو ناهي ته هو تڪليف ۾ نه آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي تڪليف نه پيو ڏيکاري ته ان جو مطلب اِهو ناهي هو ٺيڪ آهي.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته هو ٺيڪ آهي ته هو ان باوجود تڪيلف ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو.
انکانسواءِ حنا خان ممبئي جي ڪوڪيلا بين اسپتال طرفان سندس لاءِ موڪليل نوٽ به اسٽوري تي شيئر ڪيو.
نوٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ويو آهي ته پياري حنا خان، اسان ڄاڻون ٿا ته اِها سرجري اوهان لاءِ انتهائي مشڪل آهي پر اسان کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته اوهان جي صحت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.