ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي اسپنر هرڀجن سنگهه جي هڪ ڀيرو وري چيمپيئنز ٽرافي 2025 بابت ڏنل بيان جي پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر پاڪستان ۾ نام نهاد سيڪيورٽي مسئلن جو حوالو ڏيندي پاڪستان جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي 2025 تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پراڻي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هرڀجن سنگهه جو چئي رهيو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ پاڪستان کانسواءِ به زندگي رهي سگهي ٿي، جيڪڏهن اوهان ڀارتي ڪرڪيٽ کانسواءِ زنده رهي سگهو ٿا ته رهو، اسان جا رانديگر پاڪستان ۾ محفوظ ناهن ته ٽيم نه موڪلينداسين.
ميزبان هرڀجن کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن سيڪيورٽي صورتهال بهتر ٿئي ٿي ته ڇا ڀارت پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪليندو؟ جنهن تي سندس چوڻ هو ته اٺ ٽيمن جي ٽورنامينٽ پاڪستان ڀارت کانسواءِ ڪرائي سگهي ٿو ته ڪرائي ڏيکاري.
ان کان اڳ سال 2023 ۾ ٿيل ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ڀارت جو دورو ڪيو هو جڏهن ته چيمپيئنز ٽرافي 2025 لاءِ ڀارتي بورڊ بورڊ ٽيم پاڪستان موڪلڻ بابت آگاهه ناهي ڪيو.
ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا ۾ خبرون افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته ڀارتي ٽيم پاڪستان جو دورو نه ڪندي ۽ ايونٽ نيوٽريل وينديو يا هائبرڊ ماڊل تحت کيڏيو ويندو.
You might also like