معاشي درجابندي واري اداري فچ پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني عمران خان ويجهي مستقبل ۾ قيد ۾ ئي رهندو ۽ پاڪستان جي موجودا مسلم ليگي حڪومت 18 مهينن تائين برقرار رهندي.
فچ موجب، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين پاڪستان ۾ مهانگائي وڌڻ جي شرح گهٽجڻ جو امڪان آهي ۽ هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مان وياج جي شرح ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
فچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين اميد آهي ته اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح کي 14 سيڪڙو تي آڻي، حڪومت بجيٽ ۾ مشڪل ترين معاشي هدف مقرر ڪيا آهن، حڪومت مالياتي خسارو 7 ڏهائي 4 مان گهٽائي 6 ڏهائي 7 تي آڻڻ چاهي ٿي.
فچ رپورٽ موجب، حڪومت جا مشڪل معاشي فيصلا آءِ ايم ايف سان پروگرام جو رستو صاف ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي معيشت لاءِ پرڏيهي ادائيگين جو دٻاءُ معاشي رسڪ آهي، پاڪستان جي زراعت لاءِ ٻوڏ ۽ سوڪهڙو معاشي رسڪ آهي.
فچ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي فيبروري واري اليڪشن ۾ آزاد اميدوارن کي وڏي ڪاميابي ملي، کٽيل آزاد اميدوارن کي جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ باني جي حمايت حاصل هئي، پاڪستان جي شهرن ۾ مظاهرا معاشي سرگرميون متاثر ڪري سگهن ٿا.
فچ اڳڪٿي ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ باني ويجهي مستقبل ۾ قيد ۾ ئي رهندو ۽ پاڪستان جي موجودا مسلم ليگي حڪومت 18 مهينن تائين برقرار رهندي.
فچ وڌيڪ اڳڪٿي ڪئي آهي ته موجود حڪومت آءِ ايم ايف سان گڏجي سمورا معاشي سڌرا آڻيندي ۽ موجودا حڪومت ختم ٿي ته پاڪستان ۾ ٽيڪنوڪريٽ جي حڪومت ايندي.
You might also like