حڪومت پاران پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو، غداري ڪيس هلائڻ جو اعلان

اسلام آباد: (م ڊ) وفاقي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سڌ سماءُ واري  وزير عطاءَ تارڙ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 9 مئي تي ملڪي دفاع تي حملا ڪيا ويا، پي ٽي آءِ باني جو خاندان 9 مئي واقعن ۾ ملوث هو، سندس ٽئي ڀينرون ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران موجود هيون، قوم کي چيو ويو ته انقلاب اچڻ وارو آهي فوري طور پنهنجي پنهنجي لوڪيشنز تي پهچو. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ انارڪي ۽ نفرت جي سياست کي هٿي ڏني، انهن ملڪ جي دفاعي ادارن کي نقصان پهچايو. هن چيو ته هڪ طرف هي دهشتگردن کي آڻي پناهه گاهون ڏئي رهيا هئا ته هي ملڪي سالميت ۾ ڪردار ادا ڪندا، ٻئي پاسي هنن جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملو ڪيو، نيشنل ايڪشن پلان کي ختم ڪيو. سڌ سماءُ واري وزير چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ملڪ ۾ انارڪي ۽ ورهائڻ واري صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ست خون معاف جي نالي سان هڪ فلمي ٽريلر هلايو پيو وڃي. وفاقي وزير ته حڪومت چار وڏا فيصلا ڪيا آهن، آئين ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، ايندڙ ڏينهن ۾ ان سموري عمل کي مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته آئين حڪومت کي ملڪ مخالف سرگرمين ۾ ملوث پارٽي تي پابندي لڳائڻ جو اختيار ڏئي ٿو، پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو جواز موجود آهي، تحريڪ انصاف غير آئيني طور تي اسيمبليون ٽوڙيون، ملڪ کي ترقي جي رستي آڻڻو آهي ته شر پسند عنصرن تي پابندي لڳائڻي پوندي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ ڪيس داخل ڪندي. پي ٽي آءِ جو ڪيس سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيو ويندو. هن چيو ته ڪيئي واضح ثبوت موجود آهن ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي وڃي، پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو حڪومت ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ اچي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته اڳوڻي صدر عارف علوي، پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلايو ويندو. ٽنهي ڄڻن جي خلاف وفاقي ڪابينا کان منظوري ملڻ کانپوءِ ڪيس سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيو ويندو. هن چيو ته نواز شريف پنهنجي گهرواريءَ کي موت جي بستري تي ڇڏي وطن واپس آيو، پي ٽي آءِ باني فاشسٽ حڪمران هو، مائرن ۽ ڀينرن کي گرفتار ڪيو ويو، شهباز شريف پي ٽي آءِ دور ۾ چيو هو ته ميثاقِ معيشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.عطاءَ الله تارڙ چيو ته سني اتحاد ڪونسل جو منشور آهي ته ڪوبه غير مسلم پارٽي جو ميمبر نٿو بڻجي سگهي. تازي فيصلي ۾ تحريڪ انصاف کي بنا ڪنهن درخواست جي رليف ڏنو ويو، حڪومت ۽ اتحادي پارٽين سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نظرثاني ۾ اها استدعا ڪئي ويندي ته جنهن کي رليف ڏنو ويو آهي ڇا انهن رليف گهريو هو؟ سڌ سماءُ واري وزير فارين فنڊنگ ۾ پي ٽي آءِ ملوث آهي، يهودي لابي انهن کي سپورٽ ڪري ٿي، يهودي لابي کان فنڊنگ انهن کي ملندي آهي، ملڪ ۾ سائفر جو ڊرامو رچايو ويو، آمريڪا ۾ مقرر اڳوڻو سفير اسد مجيد چئي رهيو آهي ته ٿريٽ موجود نه هو، پي ٽي آءِ باني پاڻ چيو ته سائفر کي استعمال ڪرڻو آهي پر عدالت اِها ڳالهه مڃڻ کان لاچار آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ملڪ سان هاڻي هٿ چراند ٿيڻ نه ڏينداسين، هاڻي هو نيب چيئرمين کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ نيب تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن، هي پابندي مڙهيل فنڊنگ وٺڻ وارا، دهشتگردي ڪندڙ ۽ دفاعي ادارن تي حملا ڪندڙ ماڻهو آهن، اسان پنهنجو ڪيس ڀرپور نموني وڙهنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.