پارٽي تي بندش ٻاراڻي راند ناهي،عدليه جي توهين ڪئي پئي وڃي: تحريڪ انصاف

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان عطا تارڙ جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي ان کي ڪجهه سيٽن تي سپريم ڪورٽ جي تاريخي فيصلي جي شرمندگي کي ختم ڪرڻ  جي نفرت جوڳي ڪوشش قرار ڏنو. پي ٽي آءِ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مينڊيٽ چورن ۽ سندن سرپرستن جي هر سازش کي عوامي حمايت سان منهن ڏنو ويندو. ”ذلت ۽ شڪست کان بيحد شرمسار ۽ خوفزده، ڪرمنل گورنمينٽ گينگ پنهنجي ڌمڪين سان 24 ڪروڙ ماڻهن کي ڊيڄارڻ چاهي ٿو. پي ٽي آءِ ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان غير اعلانيل مارشل لا جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ملڪ ناهي، هي 24 ڪروڙ پاڪستانين جو گهر ۽ آئين جي تابع رياست آهي. جن پنهنجي مرضي کي قانون جو درجو ڏئي ملڪ کي تباهي ۽ انتشار جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏيو، انهن جو هر محاذ تي ڄمي مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪندا رهنداسين. ترجمان وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن کان وٺي آمريڪي ڪانگريس ۽ هيومن رائيٽس ڪائونسل کان وٺي ايمنسٽي انٽرنيشنل تائين هر آزاد ۽ غير جانبدار ملڪي ۽ غير ملڪي تنظيم مينڊيٽ چور مجرمن پاران بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف آواز اٿاريو آهي. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته حڪومتي وزير جو اڄ جو اعلان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي واضح خلاف ورزي آهي ته پي ڊي ايم بيٽ  جو نشان وٺڻ جي سازش جو حصو هئي. اسلام آباد ۾ پارٽي جي ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بئريسٽر گوهر چيو ته حڪومت طرفان اعلان ڪيو ويو آهي، ان اعلان جي هر ڳالهه کي سنجيدگي سان وٺون ٿا، پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي اعلان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته حڪومت مهانگائي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙا اعلان ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ به تسليم ڪيو ته پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا.بئريسٽر گوهر چيو ته هن وقت اليڪشن ڪميشن ۾ رڳو هڪ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس آهي، اهو آهي (ن) ليگ جو پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جيڪو التوا ۾ آهي، ڪميشن مسلم ليگ (ن) کان 5 اڪائونٽس جا ثبوت طلب ڪيا آهن. هن چيو ته ”سائيفرڪيس جي پڄاڻيءَ هي ڏسي چڪا، ان ۾ ڪابه جان نه هئي، آئين جي باوجود غير آئيني ڪارروايون ڪندڙن خلاف آرٽيڪل 6 لاڳو ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته مري ۾ (ن) ليگ جي قيادت وچ ۾ ٽن ڏينهن کان جيڪا کچڻي پچي  رهي هئي، اها ترجمان ٻڌائي ڇڏي. عطا تارڙ جي پريس ڪانفرنس شايد سندس دل جي آواز هجي، دراصل اها پريس ڪانفرنس قومي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪئي وئي هئي. هن چيو ته مهانگائي جو رڪارڊ ٽوڙي رهيو آهي، هو پابندي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ کي سياسي پارٽي قرار ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان سميت اتحادي به حڪومت کان ناخوش آهن. حڪومتي اتحادين کان مطالبو ڪيو ته غير جمهوري قدمن جي حمايت نه ڪن، سياسي پارٽيون بيان ڪن ته اهي جمهوريت سان آهن يا سول مارشل لا سان آهن. عمر ايوب چيو ته پنجاب حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف احتجاج ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ تي پابندي حڪومت جي خواهش ٿي سگهي ٿي پر 3 ڪروڙ عوام پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو آهي. پ پ اڳواڻ شبلي فراز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪٺ پتلي حڪومت جي پريس ڪانفرنس وڏي ڳالهه آهي، اڄ جي پريس ڪانفرنس سياسي هٿيار ڦٽا ڪرڻ هئي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.