اسلام آباد(فخر دراني) پي ٽي آءِ پاران آرمي چيف ۽ نيب سربراهه جنرل(ر) نذير بٽ جي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم شروع ڪئي وئي آهي، پي ٽي آءِ جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تان اها پوسٽ ڪئي وئي آهي ته جنرل عاصم منير کي جڏهن آءِ ايس آءِ سربراهه جي عهدي تان هٽايو پئي ويو ته هن بشريٰ بي بي کان سفارش ڪئي هئي جنهن بعد موجوده آرمي چيف پي ٽي آءِ جي خلاف ٿي ويو آهي ۽ پارٽي خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رهيو آهي، ذريعن موجب پي ٽي آءِ حڪومت دوران جنرل عاصم منير آءِ ايس آءِ سربراهه هوندي بشريٰ بي بي جي بحريا ٽائون سميت ٻين ڌرين کان ڪڪ بيڪس وٺڻ جي نشاندهي ڪئي هئي ان تي عمران خان ڪاوڙجي پيو هو، ان سبب جي ڪري کيس ڊي جي آءِ ايس آءِ تان هٽايو ويو هو،تازو پي ٽي آءِ پاران آرمي چيف خلاف جيڪا مهم هلائي پئي وڃي ان تي فوجي قيادت ۾ سخت ڪاوڙ آهي،فوجي قيادت سمجهي ٿي ته ان مهم کي هاڻي نه روڪيو ويو ته پوءِ فوج جي طاقت جي ڪهاڻي ختم ٿي ويندي ذريعن موجب ان مهم جي بنياد تي پي ٽي آءِ خلاف سخت ڪريڪ ڊائون به شروع ٿي سگهي ٿو،فوجي قيادت فيصلو ڪيو آهي ته ڪجهه به ٿي وڃي پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻي آهي.