ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) يونيورسٽيز اينڊ بورڊ واري وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته ايندڙ سال سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽرميڊئيٽ جا امتحان هڪ ئي وقت ورتا ويندا.
انٽر بورڊ ڪراچي ۾ اسٽوڊنٽ فيسيلي ٽيشن سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان گفتگو دوران يونيورسٽيز اينڊ بورڊ بابت وزير کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ بدترين گرميءَ ۾ امتحان ڇو ڪرايا ويندا آهن؟
جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ان معاملي تي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ايندڙ سال ائين نه ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ سال سڄي سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽرميڊئيٽ جا امتحان مارچ کان هوريان هوريان شروع ٿي ويندا ۽ سموري ملڪ ۾ هڪ ئي وقت امتحان ورتا ويندا.
You might also like