ويسٽ انڊيز کي شڪست، پاڪستان ورلڊ چيمپيئنز آف ليجنڊز جي فائنل ۾ پهچي ويو

نارٿمپٽن ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ چيمپيئنز آف ليجنڊز جي پهرئين سيمي فائنل ۾ پاڪستان چيمپيئنز ويسٽ انڊيز کي رنسن 20 تان شڪست ڏئي فائنل جي ٽڪيٽ ڪٽائي ورتي.
پاڪستان 199 رنسن جي جواب ۾ ويسٽ انڊيز 20 هين اوور ۾ 178 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان جي سهيل خان چار جڏهن ته وهاب رياض ۽ شعيب ملڪ ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون.
نارٿمٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز چيمپيئنز ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 198 رنسون ٺاهيون، ڪپتان يونس خان 65، ڪامران اڪمل 46 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته عامر يامين ناقابلِ شڪست 40 رنسن جي اننگز کيڏي.
ويسٽ انڊيز جي فيڊرل ايڊوروڊ 3 ۽ سليمان بين 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.