اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل واري ڪيس ۾ حڪم ڏنو آهي ته جوابدارن سان غير انساني ورتاءُ نه ڪيو وڃي.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ست رڪني لارجر بئنچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.
فوجي عدالتن ۾ جوابدارن سان ملاقاتن جي فوڪل پرسن برگيڊئير عمران عدالت ۾ پيش ٿيو، وڪيل لطيف کوسي چيو ته هڪ جوابدار کي فيملي سان ملاقات نه ڪرائي وئي، سندس پنجن ورهين جو پٽ فوت ٿي چڪو آهي.
جسٽس عرفان سعادت چيو ته اٽارني جنرل صاحب انسانن سان غير انساني ورتاءُ نه ٿو ڪري سگهجي.
جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته اوهان پهريان چوندا هئا ته هر هفتي جوابدارن جي فيملي سان ملاقات ڪرائي ويندي آهي، اوهان جوابدارن جي ملاقاتڳن جو سلسلو جاري ڇو نه ٿا رکو؟
اٽارني جنرل جوابدارن سان گهرڀاتين جي ملاقاتن جي خاطري ڪرائيندي چيو ته هفتي ۾ هڪ ڏينهن جوابدارن سان سندن گهرڀاتين جي ملاقات ڪرائي سگهون ٿا.
جسٽس محمد مظهر اٽارني جنرل چيو ته اوهان کي اسان کي اصل فيصلي ۾ غلطي ڏيکارڻي پوندي، اپيل ۾ عدالت کي اصل فيصلي ۾ غلطي ڏيکارڻي پوندي آهي.
جسٽس جمال مندوخيل حڪم ڏنو ته جوابدارن سان غير انساني ورتاءُ نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن جوابدارن جو جسماني رمانڊ ختم ٿي ويو آهي ته هو جيل ۾ ڇو نه آهن؟
جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏيندي چيو ته فوجي عدالت ۾ جڊيشل رمانڊ ناهي ڏنو ويندو.
وڪيل فيصل صديقي خواجا حارث تي اعتراض واريندي چيو ته پرائيويٽ وڪيل حڪومت جي نمائندگي نٿو ڪري سگهي، عدالت وڪيل فيصل صديقيءَ جو اعتراض رد ڪندي خواجا حارث کي بچاءُ واري وزارت طرفان دليل ڏيڻ جي اجازت ڏيندي فوجي عدالتن واري ڪيس جي ٻڌڻي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like