اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف کان نئين قرض پروگرام بابت معاهدو هلندڙ مهيني طئي ٿي ويندو.
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هاڪاري انداز ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن.
محمد اورنگزيب چيو ته فوج کي پنهنجي پوري سروس اسٽرڪچر ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، فوج کي ان لاءِ هڪ سال جي مهلت ڏني آهي، هٿياربند فوج لاءِ پهرين جولاءِ 2025 کان ڪنٽريبيوٽري پينشن جو نطام شروع ٿي ويندو.
محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت خرچ گهٽائڻ لاءِ پنج اهم وزارتن کي ختم ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف اصل آمدني تي ٽئڪس چاهي ٿو جيڪو درست آهي.
ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڪو به ملڪ 9 سيڪڙو ٽئڪس ٽو جي ڊي پي تي نه ٿو هلي سگهي، آءِ ايم ايف جي ڪري ٻين ادارن مان فنڊ ملڻ شروع ٿي ويا آهن.
You might also like