چئني صوبن آءِ ايم ايف جو زرعي آمدني تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جو مطالبو مڃي ورتو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) پاڪستان کان نئين قرض پروگرام لاءِ ڊومور جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
آءِ ايم ايف ماهرن پاڪستاني اختيارين سان مشڪل ترين ورچوئل ڳالهيون ڪيون آهن.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف چئني صوبائي حڪومتن جي نمائندن سان سان ڌار ڌار ڳالهيون ڪيون، ڳالهين دوران ناڻي واري وزارت جا وفاقي ۽ صوبائي آفيسر شامل هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان کان زراعت تي انڪم ٽئڪس اوڳاڙي بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، چئني صوبن زرعي انڪم ٽئڪس تي آءِ ايم ايف جو مطالبو مڃي ورتو آهي.
ذريعن موجب، صوبائي حڪومتن طرفان زرعي آمدني تي ٽئڪس جي اوڳاڙي جو پلان مرتب ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جو وقت گهري ورتي آهي، صوبائي حڪومت 12 جولاءِ تائين پنهنجا پلان جمع ڪرائينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته زرعي آمدني تي انڪم ٽئڪس جي شرح ساليانو لک کان وڌيڪ آمدني تي لاڳو هوندي، انڪم ٽئڪس جو ريٽ به نارمل انڪم ٽئڪس جي حساب سان هوندو، زرعي آمدني تي وفاق ۽ صوبا هڪ پيج تي اچي ويندا.
ذريعن موجب، زرعي آمدني تي صوبائي حڪومتن ۽ آءِ ايم ايف کي ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخوا حڪومت به آءِ ايم ايف سان هاڪاري ڳالهيون ڪيون، آءِ ايم ايف ڪي پي ڪي حڪومت جي 100 ارب رپين جي سرپلس بجيٽ کي ساراهيو.

Tax agriincome IMF Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.