اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آذربائيجان جو صدر ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي.
آذربائيجان جو صدر وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جي دوري تي پهتو آهي، شهباز شريف آزبائيجان جي صدر جي آڌرڀاءُ لاءِ ايئرپورٽ تي موجود رهيو.
آذربائيجان جو صدر ٻن ڏينهن جي دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو جنهن دوران ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
Prev Post
You might also like