ڪمرشل، زرعي ۽ وڏن واهپيدارن لاءِ بجلي جي قيمت وڌائڻ جي منظوري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪار ڪمرشل، زرعي ۽ وڏن واهپيدارن لاءِ بجليءَ قيمت وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، ڪمرشل واهپيدارن لاءِ بجلي جي بنيادي قيمت ۾ اٺ رپيا چار پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جولاءِ کان ڪمرشل واهپيدارن جي في يونٽ جي قيمت 77 رپيا 15 پئسن تائين پهچي ويندي.
ذريعن موجب، زرعي واهپيدارن جي بنيادي ٽيرف ۾ في يونٽ 6 رپيا 62 پئسا واڌ منظوري ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ جولاءِ کان زرعي واهپيدارن جو في يونٽ ٽيرف 46 رپيا 83 پئسن تائين ٿي ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جنرل سروسز لاءِ بجلي جي بنيادي قيمت ۾ 6 رپيا 98 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، جولاءِ کان جنرل سروسز لاءِ في يونٽ بجلي جي قيمت 61 رپيا ۽ 3 پئسا ٿي ويندي.
ذريعن موجب وڏن واهپيدارن لاءِ بجلي جي في يونٽ ٽيرف ۾ 5 رپيا 51 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي جنهن کانپوءِ جولاءِ کان وڏن بجلي واهپيدارن جو في يونٽ ٽيرف 59 رپيا 96 پئسن تائين پهچي ويندو.
ان کانسواءِ صنعتي واهپيدارن لاءِ بجلي جي بنيادي قيمت برقرار رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب، پاور ڊيوزن طرفان وفاقي ڪابينا جي فيصلي بابت نيپرا کي آگاهه ڪيو ويو آهي.

Govt commercial agri bulk powerconsumers

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.