گوتم گمڀير ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ ڪيترو معاوضو وٺندو؟

گوتم گمڀير ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ جو ڪيترو معاوضو وٺندو؟ تفصيل سامهون اچي ويا
ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان راهول ڊريوڊ جي جاءِ تي اڳوڻي ٽيسٽ اوپنر گوتم گمڀير کي ڀارتي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
گذريل ڏينهن بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ اِن انڊيا ( بي سي سي آءِ ) جي سيڪريٽري جئه شاهه گوتم گمڀير کي هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
سندس چوڻ هوته هو پراعتماد آهي، گوتم گمڀير ڀارتي ڪرڪيٽ لاءِ هڪ آئيڊيل شخص آهي، هو ڪرڪيٽ ۾ وسيع تجربو رکي ٿو ۽ سندس ڀارتي ٽيم بابت ويزن واضح آهي.
هن چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ گوتم گمڀير جي نئين سفر ۾ سندس ڀرپور ساٿ ڏيندو.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کٽڻ کانپوءِ راهول ڊريوڊ جو ڪوچ طور ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم سان سفر تمام ٿي ويو هو، هن عالمي ڪپ کانپوءِ عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.
گوتم گمڀير ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ ڪيترو معاوضو وٺندو؟
اِها ڳالهه سڀ ڄاڻن ٿا ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ دنيا جو سڀ کان امير ترين ڪرڪيٽ بورڊ آهي، اِهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف کي جهجهو معاوضو ڏيندو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير کي بي سي سي آءِ کان ساليانو ڏهه کان ٻارنهن ڪروڙ ڀارتي رُپيا معاوضو وٺندو.
بي سي سي آءِ ڪوچ جي ڳولا جي اشتهار ۾ اِهو واضح ڪيو هو ته نئين ڪوچ جو معاوضو سندس تجربي جي بنياد تي هوندو.
رپورٽن موجب، گمڀير تازو آءِ پي ايل جي فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز کي پنهنجي مينٽور شپ ۾ چيمپيئن بڻائي چڪو آهي، انڪري هو ڀارتي بورڊ کان ڏهه کان ٻارنهن ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ معاوضو طلب ڪري سگهي ٿو.

BCCI gautamgambhir rahuldravid JaiShah

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.