سموري ملڪ ۾ فلور ملز بند، اٽي جي بحران جو خدشو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ فلور ملز اڄ کان سموري ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيسائي ۽ اٽي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي جنهن سبب اٽي جي بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
فلور ملز ايسوسيئيشن موجب 15 سئو ملڪ مالڪن هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سموري ملڪ ۾ فلور ڊيلرز به هڙتال ۾ شامل ٿي ويا آهن.
فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عاصم رضاجو چوڻ آهي ته اسان ود هولڊنگ ٽئڪس گڏ نه ڪنداسين، ود هولڊنگ ٽئڪس سبب اٽي جي ٿيلي ٻه سئو رپيا مهانگي ٿي ويندي.
آل پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي هڙتال جي سڏ بعد اڄ گوجرانوالا ضلعي جون 73 فلورز ملز مڪمل بند آهن، ملتان ۾ به ود هولڊنگ ٽئڪس خلاف ضلعي جون 60 کان وڌيڪ فلور ملز بند آهن جڏهن ته ڊويزن جي چئني ضلعن تمام 100 ملز بند آهن.
ان کانسواءِ پشاور ۾ به فلور ملز ايسوسيئيشن جي اپيل تي هڙتال جاري آهي ۽ ملز کي تالا هنيا ويا آهن جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ پاڪستان فلوز ملز ايسوسيئيشن جي سڏ تي هڙتال آهي جنهن سبب ڪڻڪ جي پيسائي جو ڪم بند ڪيو ويو آهي.
فلور ملز ايسوسيئيشن ( سائوٿ زون ) جي چيئرمين عامر عبدالله موجب، سنڌ ۾ به فلور ملز اٽي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي، ٽئڪس جمع ڪرڻ ايف بي آر جو ڪم آهي، اسان کي ٽئڪس ايجنٽ نه بڻايو وڃي، جيستائين مطالبا نه مڃيا ويندا تيستائين ڪڻڪ جي جي سپلاءِ بند رهندي.
فلور ملز مالڪن چيو ته سڀاڻي کان ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سموريون فلور ملز احتجاجن اڻ اعلانيل مدي تائين بند ٿي وينديون.
فلور ملز مالڪن چتاءَ ڏنو آهي ته جيستائين سندن مطالبا پورا نه ٿيندا فلور ملز نه کولينداسين.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ فلور ملز مالڪن پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ گير هڙتال جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته اسان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي آهي، حڪومت آڏو مطالبا رکي ڇڏيا آهن ته ٽئڪس گڏ ڪرڻ اسان جو ڪم نه آهي.
فلور ملز مالڪن چيو ته سڀاڻي کان ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سموريون فلور ملز احتجاجن اڻ اعلانيل مدي تائين بند ٿي وينديون.
فلور ملز مالڪن چتاءَ ڏنو آهي ته جيستائين سندن مطالبا پورا نه ٿيندا فلور ملز نه کولينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.