عوام جي سخت احتجاج باوجود سنڌ سرڪار پاران ڪارونجهر جي ڪٽائي جو فيصلو

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) سخت عوامي ردعمل ۽ احتجاج باوجود سنڌ حڪومت سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي تاريخي ورثي ڪارونجهر جبل کي کوٽي ۽ ڪٽائي ڪري ناڻو ڪمائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اڄ سنڌ  ڪابينا جي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪارونجهر جبل جي مائننگ ڪري گرينائيٽ ڪڍڻ واري ايجنڊا شامل آهي، عام چونڊن کان اڳ ۾ نگران صوبائي ڪابينا پاران ڪارونجهر جبل کي ڪٽڻ واري فيصلي خلاف سڄي سنڌ سخت ردعمل ڏنو ۽ احتجاج پڻ ٿيو هو، جنهن کانپوءِ موجوده حڪمران جماعت به ڪارونجهر جبل کي ڪٽڻ جي مخالف ڪئي هئي،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم دوران جلسن ۾ تقريرن دوران مخالفن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو هو ته هي ڪارونجهر کي به ختم ڪري ڇڏيندا، پر هاڻ ساڳي جماعت جي سنڌ حڪومت اڄ واري ڪابينا اجلاس ۾ ڪارونجهر جبل جي مائننگ وارو نقطو ايجنڊا ۾ رکيو آهي، جبل تي مائننگ بابت  اجلاس ۾ صوبائي وزير سيد سردار شاھه رٿ پيش ڪندو. ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه جي صدارت هيٺ اڄ 11 جولاءِ تي سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ڪارونجهر جبل کي ڪوري گرينائيٽ ڪڍڻ سميت 50 ٻيا معاملا ايجنڊا ۾ شامل ڪيا ويا آهن. اجلاس جي ايجنڊا نمبر 20 موجب ته معدنيات وارو وزير سيد سردار شاھه اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي نائين گڏجاڻي جي روشني ۾ ننگرپارڪر ۾ موجود ڪارونجهر جبل مان گرينائيٽ پٿر ڪڍڻ لاءِ کوٽائي واري پراجيڪٽ جي منظوري بابت رٿ منظوري لاءِ پيش ڪندو. واضع رهي ته ڪارونجهر جو وجود خطري ۾ اچي ويو آهي، سنڌ حڪومت پاران مائننگ ڪرڻ جو پلان تيار ڪرڻ بعد فيصلي ڪرڻ تي ڳالھه اڃا اَٽڪيل آهي، پر جيڪڏهن صوبائي ڪابينا مائننگ جي منظوري ڏني ته پوءِ ڪارونجهر کي ڪورڻ وارو ڪم شروع ٿي ويندو. سنڌ حڪومت جي اهڙي رٿا جي ڄاڻ ملڻ بعد ٿر واسين سميت سڄي سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي، سنڌ واسين پاران هر صورت ۾ مزاحمت ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.

ڪارونجھر جي ڪٽائي هزارن سالن جي تاريخ ۽ تھذيب تي حملو آهي:ساڃاهه وند

مٺي: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي، ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي کي هزارن سالن جي تاريخ ۽ تھذيب تي حملو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪارونجھر تي مائيننگ پراجيڪٽ سنڌ دشمن منصوبو  آھي، جنھن کي رد ڪريون ٿا، پيپلزپارٽي کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪا به دلچسپي ناهي، ھي سوداگر آھن، پيپلزپارٽي سنڌ ۽ سنڌي قوم کي گروي رکي چوٿون ڀيرو اقتدار حاصل ڪيو آهي، هي خوشحال سنڌ کي تباھه ڪرڻ چاھين ٿا. هن چيو ته اقتدار خاطر درياھه، ڪارونجهر، ٻيٽ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪيا پيا وڃن. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو آهي ته ڪارونجهر صرف هڪ جبل نه آهي، جبل جي سونهن سان گڏ اُن ۾ موجود عبادت گاهون ۽ اُن سان لاڳاپيل سنڌ جي تاريخ آهي، ان تي مائيننگ ڪرڻ معنىٰ عبادتگاهن سنڌ جي تاريخي ميراث کي بمن سان اڏائڻ آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو عوام برداشت نه ڪندو. سنڌ جي عوام کي اپيل آهي ته گڏ ٿي سنڌ جي ڪاروباري، ڌنڌوڙي ۽ بدعنوان حڪمرانن جي منصوبي کي ناڪام بڻايو، پاڪستان ۾ ته عملن ڪاروباري اشرافيه جي مارشلا لاڳو آهي، پاڪستان ۾ ڪنهن احتجاج کي اهميت نه پئي ڏني وڃي، ان ڪري پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ سنڌ جي سڄڻن کي پڻ اپيل ڪندس ته سنڌ جي تاريخي ماڳ کي مٽائڻ جي ان منصوبي کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ عالمي ادارن جي معرفت دٻاء وجهرائن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اوڀايو جوڻيجو چيو ته ڪارونجهر سنڌ جي شهه رڳ آهي، اسان جو مطالبو آهي ته ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي، عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ۽ ڪارونجهر جا وارث ڪنهن به صورت ۾ ڪارونجهر ڪٽائڻ نه ڏيندا، ڪارونجهر کي ڪپڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو. سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪبير ڀيل چيو ته ڪارونجهر جو ڪنڌ ڪپيو ويو ته اسين سڀ روپلي جو آواز بڻجنداسين، پيپلزپارٽي وطن جا وسيلا نيلام ڪري رهي آھي، سنڌ مزاحمت ڪندي. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ شاهنواز هنگورجو چيو  ته پ پ کي اقتدار انهي لاءِ ڏنو ويو ته ڪارونجهر ۽ سنڌ جا وسيلا نيلام ڪري کپايا ويندا. ڪرسي خاطر ڪارونجهر جو سودو قبول ناهي ڪارونجهر ثقافت تهذيب جو سڃاڻپ آهي، سنڌ جي نامياري دانشور نصير ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته ڪارونجهر حساس ايڪو سسٽم ۽ تهذيبي ورثو آهي، ڪارونجهر تي جيڪڏهن بورنگ ذريعي مائننگ ٿيندي ته اُن جا ڪيئي خطرناڪ ماحولياتي ۽ ثقافتي اثر ٿيندا، اهڙن قديمي آثارن جون دنيا ۾ جديد انوائرمينٽل امپيڪٽ ۽ ايڪولاجيڪل امپيڪٽ اسيسمينٽ سميت اسٽيڊيز ٿينديون آهن. ان جي پويان پوري اسٽيڊي ٿيندي آهي، پر تڙ تڪڙ ۾ بنا ڪنهن اسٽيڊي ۽ کوجنا جي ڪم ڪرڻ جي هن قسم جي رويي سان معدنيات ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته انديشو آهي ته هڪڙي شاندار تهذيبي ورثي کي هاڃو پهچي سگهي ٿو هن چيو ته  ڪارونجهر تي مائننگ ڪري پٿر ڪڍڻ عدالتي فيصلن جي به توهين هوندي، عدالتي فيصلا موجود آهن، حڪومت کي ائين نه ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ جي وڪيل ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ناليواري قانوندان سجاد احمد چانڊيو چيو ته پيپلزپارٽي کي سنڌ جي وسيلن تي سوديبازي جي بدلي ۾ سنڌ حڪومت ملي آھي، ڪارونجھر جي ڪٽائي بابت به پيپلزپارٽي جو موقف بدلجندو رھيو آھي، پھريان سنڌ حڪومت پاران ڪارونجھر جي ڪٽائي لاءِ ٽينڊر جاري ٿيندا آھن پوءِ عوامي مزاحمت کي ڏسي وري اُھي واپس ورتا ويندا آھن، ڪجھه وقت کانپوءِ وري ساڳيا ٽينڊر جاري ٿيندا آھن، ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف مقامي ماڻھن سان گڏ ھر طرح جي قانوني، سياسي ۽ سماجي جدوجھد ۾ گڏ ھونداسين.

ٿر بار پاران ڪارونجهر جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهڻ جو اعلان

مٺي: ٿر بار پاران ڪارونجهر جو ڪيس ٻيهر ڀرپور نموني وڙهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ٿرپارڪر بار ايسوسيئيشن جي صدر وڪيل منور ساگر چيو آهي ته مٺي بار ايسوسيئيشن سنڌ حڪومت جي اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ٿي ڪري ته ڪارونجهر جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، سنڌ حڪومت پاران بار بار ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪرڻ جا جتن بند ڪري، ڪارونجهر جي معاملي ۾ اسين خاموش نه ويهنداسين، بار اڳ ۾ به قانوني جنگ وڙهي آهي ۽ هاڻي به هر صورت ۾ ڪارونجهر لاءِ جنگ جوٽبي.

ڪارونجهر مقامي ماڻهن جي جياپي جو واحد ذريعو آهي: ڪارونجهر سجاڳ فورم

ننگرپارڪر:ڪارونجهر هڪ دفعو ٻيهر سرمائيدارن جي نظرن ۾، ڪارونجهر سجاڳ فورم سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر جي امڪاني  نيلامي کي رد ڪندي عدالتي فيصلي تي عملدآمد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اڳواڻن الهرکيو کوسو،مصطفيٰ دل،رميش ڪارونجهري ۽ ٻين چيو آهي ته ڪارونجهر سنڌ جو سياحتي، ثقافتي، تهذيبي ماڳ هئڻ سان گڏوگڏ مقامي ماڻهن جي جياپي جو واحد ذريعو آهي، هنن چيو ته هتان جي انسانن، پکين، جانورن ۽ جيوت جي زندگي ڪارونجهر سان سلهاڙيل آهي، ڪارونجهر دفاعي مورچي سان گڏوگڏ  سنڌ حڪومت پاران ٺاهيل ڊيمن جي سيپيج ٿيل پاڻي مان مقامي ماڻهون زمينون آباد ڪري پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا، برساتي موسم ۾ ملڪ توڙي دنيا مان لکين سياح ڪارونجهر گهمڻ ايندا آهن، جنهن جو هتان جي مقامي ماڻهن کي به معاشي فائدو ٿئي ٿو، هنن چيو ته مقامي ماڻهو هر فورم تي ڪارونجهر جي ڪٽائي جي مخالفت ڪري چڪا آهن، هنن چيو ته اليڪشن مهم دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ڪارونجهر جي ڪٽائي جي مخالفت ڪري چڪو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته عالمي قانون تحت ڪارونجهر رامسر سائيٽ آهي جتي پاڪستان سيگنيٽري آهي، ان سان گڏوگڏ ملڪي قانون تحت وائلڊ لائيف گيم سنڪچري علائقو پڻ آهي، هنن چيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي ڊبل بئنچ ڪارونجهر کي محفوظ بڻائي معدنيات کاتي کان الڳ ڪري ڪارونجهر کي محفوظ ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته حڪومت بجائي عوامي راءِ کي تسليم ڪرڻ ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدآمد ڪرائڻ جي بار بار ڪارونجهر کي نيلامي جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي وزيرن کي زميني حقيقتون، عدالتي فيصلو ۽ عالمي قانون کي نظر ۾ رکي مقامي ماڻهن جي راءِ جو احترام ڪندي ڪارونجهر کي نيلام ڪرڻ بجائي عالمي ورثي ۾ شامل ڪرائي نيشنل پارڪ جو درجو ڏيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ احتجاجي مهم هلائي وزيراعلي هائوس جي سامهون احتجاج ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي جي درخواست داخل ڪئي ويندي.

عدالت ڪارونجهر کي هيريٽيج قرار ڏئي چڪي آهي: شنڪر ميگهواڙ

مٺي: ڪارونجهر جبل جو عدالتن ۾ ڪيس وڙهندڙ وڪيل شنڪر ميگهواڙ ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجي پٽيشن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ ڪارونجهر جبل کي ھيريٽيج قرار ڏئي چڪي آھي ۽ عدالت حڪم ڏنو هو ته سنڌ حڪومت اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري عدالت ۾ ڪاپي پيش ڪري ٻي صورت ۾  سيڪريٽري سياحت ۽ ثقافت کاتو ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي، گذريل ڏينهن کان هڪ نوٽيفڪيشن سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيو آهي جيڪڏهن سنڌ حڪومت اهڙو فيصلو ڪيو ته اهو عدالتي توهين هوندي، ياد رهي ته ان کان اڳ به ڊائريڪٽر جنرل منرلز ۽ مائننگ ڊپارٽمينٽ عدالت ۾ کاتي جي طرفان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ته ڪارونجهر جبل جي بابت ڪو به نوٽيفڪيشن نه ايندو.

Protest granite KaroonjharHills

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.