هاڪس بي ۾ ڊي ايڇ اي کي زمين ڏيڻ ڌرتي ڌڻين سان ناانصافي آهي: زين شاهه

ڪراچي (جاني سومرو+شفقت نوناري) ڪراچي شفقت نوناري)ڪراچي هاڪس بي ڀرسان سنڌ حڪومت طرفان 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ليز تي ڏيڻ واري عمل خلاف ايس يو پي طرفان ھاڪس بي ڀرسان ڳوٺ علي ڀنڊ ۾ ايس يو پي طرفان جلسو منعقد ڪيو ويو ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي اس يو پي سربراھ سيد زين شاھ چيو تـ ھاڪس جي ڀرسان سنڌ حڪومت طرفان 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ليز تي ڏئي ڪري ھتان جي مقامي ماڻھن سان ظلم ڪري رھي آھي ھتان جا رھندڙ ڳوٺاڻا ٻڌائين پيا تـ ھي ووٽ پيپلز پارٽي کي ڏيندا آھن مگر افسوس اھي ئي حڪمران ھتان جي رھواسين کي ھتان بي دخل ڪرڻ ۾ ملوث آھن ھن چيو تـ سائين جي ايم سيد جو اسان کي سبق ڏنل آھي تـ پنھنجي ڌرتي ڌڻين سان ھر ڏکئي وقت ۾ گڏ بيھجو ۽ اڄ اسان ھتان جي رھواسين سان سنڌ حڪومت جي 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ليز تي ڏيڻ واري ظالماڻي فيصلي خلاف ھتان جي رھواسين سان گڏ بيٺا آھيون پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ھتان جا ماڻھو آباد آھن جن جي روزگار جو سمنڊ ۽ روزگار ڪرڻ تي آھي مگر ھتان جي مقامي ماڻھن کي دربدر ڪرڻ وارو ظالماڻو فيصلو ڪيو ويو آھي پيپلز پارٽي کي حڪومت خيرات ۾ ئي ان ڪري ڏني وئي آھي تـ ھو سنڌ جا وسيلا وڪرو ۽ نيلام ڪن ھاڻي ھتان جي رھواسين کي سياسي فيصلو ڪري پيپلز پارٽي کي خيرآباد ڪرڻو پوندو جيڪي سالن کان انھن کي ووٽ ڏين پيا ھاڻي ھتان جي ماڻھن کي سجاڳ ٿيڻو پوندو ھي جيڪي ظالماڻا فيصلا ڪيا پيا وڃن عملي جدوجھد ڪري انھن کي رد ڪرڻو پوندو ھتان جي رھواسين سان اسان ھر عملي جدوجھد توڙي قانوني محاذ تي انھن سان گڏ سنڌ حڪومت جي اھڙي فيصلي خلاف اسان عدالت ۾ پڻ ويا آھيون جنھن مان بھتر فيصلي ڪرڻ جي اميد رکون ٿا ھتان جي رھواسين کي ڊگھي جدوجھد ڪرڻي پوندي اسان انھن سان ھر وقت جدوجھد ۾ گڏ بيٺل آھيون سنڌ حڪومت جي ان فيصلي خلاف مختلف پارٽين جو گڏيل اجلاس گھرائي وڌيڪ لائحه عمل جوڙيو ويندو اسان جو مطالبو آھي تـ ھتان جي رھاڪن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن،هن چيو ته حڪمرانن ڄامشورو کان ڪراچي تائين زمينون وڪرو ڪري ڇڏيون آھن اڳ ملير جون زمينون وڪرو ڪيون ويون ھاڻي ڪياماڙي ضلعي جون زمينون نيلام ڪيون پيون وڃن سيد زين وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ 30 جولاء کان اڳ ھاڪس بي ڀرسان 6 ھزار زمين ليز تي ڏيڻ واري فيصلي خلاف آل پارٽيز اجلاس گھرايو ويندو ۽ ان فيصلي خلاف جدوجھد تيز ڪئي ويندي ايس يو پي جي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو ڳالھائيندي چيو تـ اسان جي ٻچن کي دربدر ڪرڻ جي سازش پئي ٿئي حڪمرانن اسان سان ويساھ گھاتيون ڪيون آھن ھاڻي ويڙھ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نـ آھي چون پيا ته ھي زمين سرڪاري زمين آھي پر انھن عقل جي انڌن کي اھا به خبر نه آھي ته ھاڪس بي ڀرسان ويٺل پاڪستان جي آزادي کان اڳ جا ويٺل آھن  ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جڳديش آھوجا چيو ته سنڌ حڪومت طرفان 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ واري فيصلي خلاف جدوجھد ۾ عملي طور تي ھتان جي رھواسين سان گڏ آھيون سنڌ حڪومت جي اھڙي فيصلي خلاف ڪورٽ ۾ پڻ ويا آھيون ھن چيو تـ خط لکيو ويو آھي تـ فوجي شھيد آفيسرن جي فيملين کي رليف ڏيڻ لاءِ ساحل ڀرسان 6 ھزار ايڪڙ زمين ڏني وڃي اھو ڪٿان جو انصاف آھي جو اصل رھاڪن کي بي دخل ڪري ٻين کي آباد ڪيو وڃي صحافي دستگير ڀٽي ڳالھائيندي چيو تـ ھاڪس بي ڀرسان جيڪا 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ليز تي ڏني پئي وڃي ان تي جيڪو آواز اٿاريو آھي اھو ايس يو پي سربراھ سيد زين شاھ اٿاريو آھي،کيس سنڌ جي حقن لاءِ عملي جدوجھد تي جس ڏيون ٿا ھن چيو ته  ڇانوڻين ۽ شھيدن جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي والار ڪئي پئي وڃي سنڌي ماڻھن پيپلز پارٽي کي ان ڪري مينڊيٽ نـ ڏنو آھي تـ ھو سنڌ جون زمينون نيلام ڪن،جي يو آءِ اڳواڻ قاري محمد عثمان ڳالھائيندي چيو تـ اڄ اسين حڪمرانن جي ظلم زيادتين خلاف گڏ ٿيا آھيون اسان جي ابن ڏاڏن ھنن علائقن کي آباد ڪيو مگر انھن تي حڪمرانن جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪرڻ جي ھڪ تمام ڊگھي رٿابندي ڪئي وئي آھي جمعيت علماء اسلام سنڌ يونائيٽڊ پارٽي سان سنڌ جي ماڻھن سان ٿيندڙ ظلم خلاف ھر ٿيندڙ جدوجھد ۾ گڏ آھي سجاد ڀنڊ ڳالھائيندي چيو تـ حڪمران ڌرتي جي اصل رھاڪن سان ظلم ڪندي انھن کي پنھنجي گھرن کان بي گھر ڪري ماڻھن سان ظلم انصافيون ڪري رھيا آھن مگر ڪو دانھن دادرسي ڪرڻ وارو نـ آھي نصرالله ڀنڊ چيو تـ حڪمران اسان جي زخمن تي مرھم رکڻ بجاء الٽو ان تي لوڻ ٻرڪي رھيا آھن ھاڪس بي ڀرسان نٿيا گلي پراڻو پاور ھائوس ڀرسان اڳ ھزارين ايڪڙ زمين تي مختلف ادارن طرفان قبضو ڪيو ويو آھي اڳ 12 سو ايڪڙ بينظير ٽائون زمين تي بيچ سٽي تي قبضو ڪيو ويو اھو سڀ برداشت ڪيوسين مگر ھاڻي وري ديھ ڇتارا ديھ اللـ ٻنو ديھ مينڌياري جي 6 ھزار ايڪڙ زمين سنڌ حڪومت طرفان ڊي ايڇ اي کي ليز تي ڏني پئي وڃي اسان جان تـ ڏئي سگھون ٿا مگر پنھنجي ڌرتي جو سودو ڪڏھن به نه  ڪنداسين محمد علي ڀنڊ ڳالھائيندي چيو تـ حڪومت اسان کي سھولتون روزگار ڏيڻ بجاء الٽو آھستي آھستي ساحلي پٽي تي قبضو ڪري رھي آھي اھو ھتان جي رھواسين سان ظلم نه آھي تـ ٻيو ڇا آھي؟ ھتي نـ اسپتال آھي نه مئٽرڪ تائين ڪو اسڪول آھي نه ڪي ٻيون سھولتون آھن پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ھي ڳوٺ ھتي آباد ٿيل آھن افسوس آھي انھن آبائي قديمي ڳوٺن کي ليز تي ڏنو پيو وڃي ھاڻي پاڻي سر کان چڙھي رھيو آھي ھاڻي پنھنجي زمين جو ھڪ انچ به ڪو نـه  ڏينداسين ھن چيو تـ 39 قديمي ڳوٺ انھن ٽنھي ديھن ۾ آباد ٿيل آھن جيڪي سنڌ حڪومت ڊي ايڇ اي کي ليز تي ڏيڻ چاھي ٿي  نورالدين جمالي ڳالھائيندي چيو تـ اسان کان ساحل کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ھتي ڌاريا آباد ڪري اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي اسان جيڪڏھن ساحل جي مالڪي ڪري نـ سگھياسين تـ اسان جو وڏي ۾ وڏو نقصان ٿيندو، ان موقعي تي امير آزاد  پنهور،غلام مصطفي’ چانڊيو، اعجاز سامٽيو، منير مگسي، واحد مغيري، منير نائچ، ڊاڪٽر علي نواز گبول، عنايت کٽياڻ، احمد علي ھڪڙي، ستار ڏاهري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

ZainShah SUP Portest

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.