سنڌ حڪومت 2 ايڊيشنل ۽ 6 اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرلز کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت ٻه ايڊيشنل ۽ 6 اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرلز کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي.
سنڌ سرڪار طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، هٽايل ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرلز ۾ صولت رضوي ۽ چوڌري وسيم اختر شامل آهن.
نوٽيفڪيشن موجب، عهدن تان فارغ ڪيل اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرلز ۾ نوشابا سولنگي، غلام اڪبر، عمران علي جتوئي، شرف الدين جمالي، غلام مصطفيٰ ابڙو ۽ عروج فاطما ڀٽو شامل آهن.
عهدي تان هٽايل صولت رضوي گريڊ 1 کان 15 تائين نوڪرين جي ڀرتين واري ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيندو رهيو.
ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ گريڊ هڪ کان پندرنهن جي نوڪرين لاءِ ڀرتين خلاف ايم ڪيو ايم جي درخواست منظور ڪندي ڀرتين واري عمل کي غيرقانوني قرار ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.