آءِ ايس آءِ کي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت طرفان آءِ ايس آءِ کي فون ٽيپ ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ وارو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شهري فهد شبير طرفان داخل درخواست ۾ وزيراعظم، وفاقي حڪومت ۽ پاڪستاني ٽيلي ڪميونيڪيشن سميت لاڳاپيل ادارن کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي آءِ ايس آءِ کي ماڻهن جا فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، پي ٽي اي ايڪٽ جي جنهن سيڪشن جي تحت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ان جا اڃا تائين رولز ٺهيا ئي ناهن، پاڪستان جو آئين شهرين کي پرائيويسي ۽ اظهار جي آزادي فراهم ڪري ٿو.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارتي سپريم ڪورٽ موجب به ماڻهن جا فون ٽيپ ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، عدالت حڪومت جو آءِ ايس آءِ کي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن غيرقانوني قرارر ڏئي درخواست جي حتمي فيصلي تائين ڄاڻايل نوٽيفڪيشن معطل ڪندي حڪومت کي هدايت جاري ڪئي وڃي ته پي ٽي اي جي سيڪشن 56 جا رولز ٺاهيا وڃن.

LHC ISI GOVT

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.