فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيصل آباد ۾ اڻڄاتل جوابدارن بس اسٽاپ تي بيٺل عورت کي اغوا ڪري اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائي ڇڏيو.
پوليس موجب، واقعو فيصل آباد جي تعلقي تاندليانوالا ۾ پيش آيو جتي متاثر عورت مڙس سان جهيڙي بعد گهران نڪري وئي هئي ۽ رات نائين وڳي اچي بس اسٽاپ تي بيٺي.
پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر سائڪيل سوار اڻڄاتل جوابدارن متاثر عورت کي اغوا ڪري تعلقي ڪچهري جي هڪ چيمبر ۾ اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو.
پوليس ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، سي پي او ڪامران عادل موجب، جوابدارن گرفتاري لاءِ ٻه ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ ايس ايس پي صدر ڊويزن کي 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
فارنزڪ ٽيم ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن، واقهي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like