” بچي وئي آهيان“ يمنيٰ زيدي جي پوسٽ وائرل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا يمنيٰ زيدي شوٽنگ دوران وڏي حادثي کان ذري گهٽ بچي وئي.
سوشل ميڊيا تي يمنيٰ زيدي جي هڪ ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن سيٽ تي شوٽنگ دوران پاڻ سان پيش آيل حادثي بابت ٻڌايو.
اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ هڪ ڊرامي جي عڪسبندي ۾ رڌل هئي ۽ سين دوران کيس رڌڻي ۾ کاڌو تيار ڪرڻو هو.
هن چيو ته گئس ليڪ ٿي رهي هئي پر مونکي خبر نه پئي جيئن باهه تيز ڪئي ته اِها منهنجي هٿ کي وڪوڙي وئي پر خوش قسمتي سان مونکي ڪجهه ناهي ٿيو ۽ مان بچي ويس.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اِهو سين ڪئمرا ۾ رڪارڊ پڻ ٿيو، هدايتڪار ان کي ڊرامي جو حصو بڻائي سگهي ٿو.

YumnaZaidi  fire incident

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.