آءِ ايس آءِ کي ڪال ٽريس ڪرڻ جي اجازت، طريقيڪار به واضح

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايس آءِ کي ڪال ٽريس ۽ رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ملي وئي، وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن سمري ذريعي ڪال ٽريس ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
آءِ ايس آءِ جي نامزد آفيسر کي ڪال ٽريس ڪرڻ ۽ مداخلت جو اختيار هوندو، گريڊ 18 کان گهٽ جي آفيسرن کي ڪال رڪارڊ ۽ ٽريس ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.
سمري موجب، فيصلو قومي سلامتي جي مفاد ۾ ڪنهن ڏوهه جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
ڪابينا طرفان نامزدگي جو اختيار پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن ايڪٽ 1996ع جي سيڪشن 54 تحت ڏنو ويو آهي.

Govt ISI trace intercept calls messages

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.