اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چائنا انرجي انجنيئرنگ ڪارپوريشن پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪمپني جي ايم ڊي ٻڌايو ته فنانشل ڪلوز لاءِ حڪومت سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي.
چائنا انرجي انجنيئرنگ ڪارپوريشن جو پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جو پلان سامهون اچي ويو، ان حوالي سان ايم ڊي بريفنگ ڏيندي چيو ته چين هائڊرو، جديد توانائي، ٽرانسميشن لائن منصوبن تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪندو.
چائنا انرجي ايم ڊي وانگ هوئيوا چيو ته 700 ميگا واٽ جي آزاد پتن هائڊرو پاور منصوبي تي 1.5 ارب ڊالر لاڳت جو ڪاٿو آهي، فنانشل ڪلوز لاءِ حڪومت سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي.
هن ٻڌايو ته 1.96 ارب ڊالر جو سڪي ڪناري هائڊرو منصوبو جلد آپريشنل ٿي ويندو، چائنا انرجي ڪمپني پاڪستان ۾ 13 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ان جون 16 ذيلي ڪميٽيون به پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته مختلف منصوبن سان پاڪستان ۾ هڪ لک کان وڌيڪ مقامي ورڪرز کي روزگار مليو آهي.
china pakitsan cpec