”جيئن وڻيوَ ڪيو، ٽيم سُڌاري ڏيو“ پي سي بي چيئرمين ڪوچز کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي قومي ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوچز کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان وائيٽ بال جي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن، ريڊ بال جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي ۽ اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پي سي بي چيئرمين سان پاڪستاني رانديگرن جي ڪوچنگ وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته پرڏيهي ڪوچز ٽيم جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پلان کان آگاهه ڪيو جنهن تي محسن نقوي ڪوچز جي تجويزن سان اتفاق ڪيو.
ان دوران بيٽنگ، بالنگ ۽ خاص طور فيلڊنگ کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل پلان واضح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته رانديگرن جي ٽيم ۾ شموليت فٽنس سان مشروط هوندي، پاڪستاني ٽيم ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ ناهي، سٺي ڪامبينيشن جو فقدان آهي.
پي سي بي چيئرمين ڪوچز کي فري هينڊ ڏيندي چيو ته اوهان تي پورو اعتماد آهي، رانديگرن جي ڪوچنگ جي حوالي سان اوهان کي پوري سپورٽ ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.