مستقل طور ڀارت ڇڏڻ وارين خبرن بعد انوشڪا شرما جي انسٽا اسٽوري وائرل

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما جي ملڪ ڇڏي لنڊن منتقل ٿيڻ وارين خبرن تي اداڪارا جي انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيل اسٽوري تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب، ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما ٻارن سان گڏ مستقل طور لنڊن منتقل ٿي رهيا آهن، جنهن بعد ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا تان گم انوشڪا هاڻ هڪ اسٽوري پوسٽ ڪئي آهي.
اداڪارا جي انسٽاگرام اسٽوري اصل ۾ ميون جي تصوير آهي جنهن ۾ بيريز، چيريز ۽ اسٽرابيريز جي تصوير آهي، جنهن سان گڏ هن دل وارو ايموجي پڻ استعمال ڪيو .
انوشڪا جي اِها پوسٽ هڪ مداح طرفان ويرات ڪوهلي جي لنڊن ايئرپورٽ تان شيئر ڪيل تصوير جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ سامهون آئي .
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ خبرون سانهون آيون هيون ته باربيڊوس ۾ ڀارت کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ چيمپيئن بڻائيندڙ ويرات ڪوهلي ۽ سندس گهرواري انوشڪا شرما پنهنجي ٻنهي ٻارن سان گڏ مستقل طور لنڊن منتقل ٿيڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن.

Viratkohli AnushkaSharma BCCI

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.