بابر اعظم ڪپتان هوندو يا نه؟ محسن نقوي ٻڌائي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته بابر اعظم کي ڪپتان برقرار رکڻ يا نه رکڻ بابت فلحال مشاورت ناهي ٿي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته اڄ ملاقات ۾ رانديگرن سان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، رانديگرن سان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کي بهتر ڪرڻ تي مشاورت ٿي.
پي سي بي چيئرمين چيو ته ڪرڪيٽرز ڊوميسٽڪ اسٽرڪچر بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ رانديگرن فٽنس تي ڪا به رعايت نه ڏيڻ جو مشورو ڏنو.
محسن نقوي چيو ته ڪوچز سان فلحال ملاقات ناهي ٿي، ان دوران صحافي پي سي بي چيئرمين کان سوال ڪيو ته بابر اعظ۾ ڪپتان رهندو؟ جنهن محسن نقوي جواب ڏيندي چيو ته ان معاملي تي فلحال ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.

PCB Mohsinnaqvi BabarAzam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.