”مشهور هدايت ڪار هراسان ڪندو هو“ ناديا جميل ڇرڪائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سينيئر اداڪارا ناديا جميل انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پاڪستان شوبز انڊسٽريءَ جي مشهور ترين هدايتڪار هراساني جو نشانو بڻايو.
پنهنجي بيان ۾ اداڪارا چيو ته ماضيءَ ۾ جنهن هدايتڪار کيس هراسان ڪيو بعد ۾ ان سان ڪم جي آڇ ٿي جيڪا هن رد ڪري ڇڏي.
هن چيوته سينيئر اداڪار نعمان اعجاز اِها آڇ ڪئي ۽ جڏهن مون هدايتڪار جو نالو پڇيو ته خبر پئي اِهو ئي شخص ڊرامو ڊائريڪٽ ڪندو جنهن ماضيءَ ۾ هراساني جو نشانو بڻايو، مون نالو ٻڌندي کي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ناديا جميل چيو ته سوچيندي آهيان ته اِهو هدايتڪار اڃا تائين انڊسٽري جو حصو آهي، جنهن نه ڄاڻ الائي ڪيتري معصوم ڇوڪرين کي هراسان ڪيو هوندو.
سندس چوڻ هو ته مون کي هدايتڪار جو نالو کڻڻ گهرجي ها پر مون سندس نالو ناهي کنيو، مان نالو کڻڻ کان نٿي ڊڄان پر جوان پُٽن جي ڪري چپ آهيان ڇو ته هو جذباتي آهن.

Nadia Jamil  Director  Harassed

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.