پاپ گلوڪارا اوشا اُٿپ جو مڙس دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ڀارتي پاپ آئيڪون اوشا اُٿپ جو مڙس جاني 78 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو .
پرڏيهي ميڊيا موجب، اوشا اُٿپ جي مڙس جو ديهانت سومر جي ڏينهن ٿيو، سندس آخري رسمون اڄ ادا ڪيون وينديون.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 78 ورهين جي جاني پنهنجي رهائشگاهه تي ٽي وي ڏسڻ دوران اوچتو بي چيني ۽ سيني ۾ سور جي شڪايت ڪئي ۽ اسپتال نيئڻ دوران رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيائين.
رپورٽ موجب،جاني اوشا اُٿپ جي ٻيو مڙس هو ۽ سندس چانهه جو ڪاروبار هو، سندن ملاقات ستر جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ ٿي جيڪا محبت ۾ تبديل ٿي ۽ ٻنهي هڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، جوڙي کي ٻن ٻارن جو اولاد پڻ آهي.

Usha Uthup JaniChacko Bollywood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.