ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ تيز برساتن بابت اَپ ڊيٽ جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اڄ چوماسي جي پهرئين وسڪاري جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته اڄ ڪراچي ۾ مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي.
هن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ ويهه جولاءِ تائين تيز برسات جو ڪو به اسپيل نظر نه پيو اچي، جڏهن ته جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي شروعات ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.
سندس چوڻ هوته هوا جي گهٽ دٻاءُ سبب ڪراچيءَ ۾ سامونڊي هوائن جي رفتار گهٽتائي آئي آهي، ايندڙ ٻه ٽي ڏينهن ڪراچي ۾ گرميءَ جي شدت وڌيڪ محسوس ڪئي ويندي، شهر ۾ هڪ ڀيرو وري جون جيان اُٻ ۽ گرميءَ جي شدت وڌي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته پهريان جولاءِ جي پهرئين هفتي کانپوءِ موسم ۾ گهڻي بهتري اچي ويندي هئي، پر هر سال گرميءَ جي شدت اضافو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.