محرم الحرام ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جي بندش، اهم فيصلو ڪيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي تي مشاورتي اجلاس دوران سڄي ملڪ ۾ جلسن ۽ مجلسن ۾ ڊرون جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سڀني صوبن ۾ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انٽرنيٽ، موبائيل سروس جي بندش جو فيصلو سيڪيورٽي ادارن جي مشاورت سان ٿيندو.
ترجمان ٻڌايو ته مجلسن، جلوسن جي سخت سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان ترتيب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
محسن نقوي چيو ته وفاقي حڪومت سڀني صوبن کي سيڪيورٽي بابت امڪاني وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

muharramulharam mohsinnaqvi pta

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.