پاڪستاني عوام لاءِ نيٽ فلڪس سبسڪرپشن به مهانگي

پاڪستان ۾ تازو ئي بجيٽ بعد جتي روزمره جي شين تي ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪسز لاڳو ٿيا آهن، اتي وري عوام لاءِ تفريح به مهانگي ٿي وئي.
سنڌ بورڊ آف رويونيو (ايس بي آر) وڊيو اسٽريمنگ سروس نيٽ فلڪس تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب ڊيبٽ يا ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي پليٽ فارم جي سبسڪرپشن فيس ادا ڪندڙ واهپيدارن کي هاڻي آءِ ٽي سروسز تي 3 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ڏيڻو پوندو.
ان ۾ فائلرز کي انٽرنيشل ٽرانزيڪشن تي 5 سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس ۽ 4 سيڪڙو ڪارڊ ٽرانزيڪشن چارجز ۽ فيڊرز ايڪسائيز ڊيوٽي به ڏيڻي پوندي.
ايس بي آر جي نئون قانون تحت پاڪستاني بينڪس ۽ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي ماتحت ٻيا مالياتي ادارا ”ڪليڪشن يونٽ“ طور ڪم ڪندا.
ايس بي آر طرفان لازمي قرار ڏنو ويو آهي ته جڏهن به نيٽ فلڪس واهپيدار اسٽريمنگ سروس کي ادائيگي ڪن ته بينڪس ۽ ٻين پيمنٽ پروسيسنگ ڪمپنين طرفان هر ادائيگي تي 3 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪيو ويندو.
نون قانونن تحت ايس بي آر مخصوص سروسز تي 3 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي، جن ۾ نيٽ فلڪس سميت ٻيا ڪلائوڊ بيسڊ اسٽريمنگ پليٽ فارمز شامل آهن.

Pakistan Netflix Taxes

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.