لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪرڻ لاءِ هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي.
نواز شريف سان سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي ليڊر عرفان صديقي ملاقات ڪئي جنهن دوران موجودا سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي نواز شريف چيو ته عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ وارن عنصرن کي جهموريت ۾ دلچسپي ناهي.
هن چيو ته ست سال اڳ جن مسئلن تي ظابطو آندو ويو هو اِهي وري سنگين بحران بڻجي چڪا آهن.
سندس وڌيڪ چوڻ هوته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪرڻ لاءِ هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي.
NawazSharif PMLN PAKARMY