سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ ڪيترو آهي؟ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جا 30 جون تائين جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
دستاويز موجب، سپريم ڪورٽ ۾ 58 هزار 479 ڪيس فيصلن جا منتظر آهن.
هاءِ ڪورٽس جي فيصلن خلاف 31 هزار 944 اپيلون ٻڌڻي جوڳي هجڻ يا نه هجڻ جون منتظر آهن.
هاءِ ڪورٽس حڪمن خلاف فوجداري اپيلن جو انگ ڏهه هزار کان ٽپي ويو آهي.
دستاويز موجب، 16 کان 30 جون جي وچ ۾ 479 ڪيس داخل ٿيا ۽ 201 ڪيس اڪلايا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.