پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت ڇو نه ملي؟ سبب سامهون اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي چيف ڪمشنر محمد علي رنڌاوا طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف کي ترنول ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جا سبب سامهون اچي ويا.
اسلام آباد جي چيف ڪمشنر طرفان پي ٽي آءِ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مقامي ماڻهن جي شڪايت ۽ سيڪيورٽي ادارن جي رپورٽ تي جلسي جو نوٽيفڪيشن جو معطل ڪيو ويو .
نوٽيفڪيشن موجب، سيڪيورٽي ادارن تصديق ڪئي آهي ته 3 جولاءِ تي اسلام آباد مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو، سنگجاڻي ۽ ترنول وارن علائقن ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن اڃا تائين جاري آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته انٽيليجنس ايجنسين جي نمائندن موجب محرم ۾ سيڪيورٽي خطرن جو خدشو آهي، محرم سبب جلسو محفوظ بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي ادارن وٽ ماڻهن جي کوٽ آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي ايجنسين طرفان سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيا ويا آهن.
محمد علي رنڌاوا طرفان چيوويو آهي ته سيڪيورٽي الرٽ موجب محرم دوران دهشتگرد ڪارروائين جا خطرا آهن، ترنول ڳتيل آبادي وارو علائقو آهي ۽ ايئرپورٽ، جي ٽي روڊ، موٽروي تائين رسائي جو هڪ لنگهه آهي.
ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف ترنلو ۾ جلسي جي اجازت نه ملڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي.

PTI Islamabadrally protest

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.