لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي عبوري ضمانتن جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو .
پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف جناح هائوس، عسڪري ٽاور ۽ شادمان ٿاڻي ۾ ڀڃ ڊاهه وارن ڪيسن جي ٻڌڻي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي.
ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ ميسيج ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ آهي، جنهن تي جج چيو ته عمران خان جي وڊيو لنڪ تي ضمانتن ۾ حاضري لڳائي وڃي، مون کي پنهنجي تسلي لاءِ وڊيو لنڪ تي پي ٽي آءِ باني کي ڏسڻو آهي.
عمران خان جي وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر چيو ته اعليٰ عدالت جو حڪم آهي ٿيڻ ته ائين گهرجي، جنهن تي جج چيو ته جيل سپرنٽينڊنٽ جي ميسج جي مون کي پرنٽ ڪڍي ڏيو مان ان کي فائل جو حصو بڻائيندس. عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ جي ميسج جي پرنٽ ڪڍرائي ان کي رڪارڊ حصو بڻائي ورتو.
بئريسٽر سلمان صفدر چيو ته مون زندگي ۾ هڪ جوابدار مٿان ايترا ڪيس ٺهندي ناهن ڏٺا، جڏهن ڏوهه ٿيو تنهن وقت جوابدار ته حراست ۾ هو، ته پوءِ ڪيس ڪيئن ٺاهيا ويا، جنهن تي جج چيو ته اوهان جي پوائنٽ ڏاڍي زبردست آهي.
عمران خان جي وڪيل چيو ته سندس ڪلائنٽ گذريل ڏينهن بک هڙتال تي ويهڻ جو چيو، هو انڪري بک هڙتال ڪري رهيو آهي ته جيئن عدالتون انصاف ڪن.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي عبوري ضمانتن جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو نوَ جولاءِ تي ٻڌايو ويندو.
Imran Khan bail May9cases