پي ٽي آءِ پاران اسلام آباد ۾ رٿيل جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف ترنول ۾ رٿيل جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته ترنول ۾رٿيل جلسو تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان جي پليٽ فارم تان ٿيڻو هو جيڪو ملتوي ڪيو ويو آهي، عدالت کي درخواست ڪنداسين ته يومِ عاشور کانپوءِ اسان جلسي جي اجازت ڏني وڃي.
هن چيو ته عدالتي حڪم کانپوءِ ڊي سي جلسي جو نوٽيفڪيشن ڏنو، جيڪو نوٽيفڪيشن هاءِ ڪورٽ جي هدايت تي جاري ٿيو، ڪمشنر وٽ نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ و اختيار ناهي.
سندس چوڻ هو ته جنهن خط جي بنياد تي نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو اِهو خط هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ها، اسان هاءِ ڪورٽ انڪري آيا آهيون ته آئين ۽ قانون موجب جلسو ڪري سگهون.
بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني کانسواءِ ڪا به سياست مڪمل ناهي، آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ اسان سڀ ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.