ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽر احمد شهزاد ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي لڪائڻ لاءِ ڪجهه رانديگرن تي مذهب ڪارڊ استعمال ڪرڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو.
ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي ۽ پهرئين رائونڊ مان ئي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ٽيم تي اڳوڻن رانديگرن سميت شوقينن طرفان سخت تنقيد ڪئي وئي هئي.
ڪرڪيٽر احمد شهزاد به قومي ٽيم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي سوشل ميڊيا تي هڪ ڊگهي پوسٽ شيئر ڪئي.
احمد شهزاد لکيو ته اِهو واقعي مايوس ڪندڙ آهي ته ڪجهه رانديگر غير ضروري پريس ڪانفرنس ڪري مذهب ڪارڊ کيڏي عالمي ڪپ ۾ پنهنجي خراب ڪارڪردگي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته جڏهن هو پنهنجي فٽنس بابت ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ۽ جڏهن هو قبول ڪندا آهن ته ميدان ۾ اداڪاري ڪري رهيا هئاسين ته مذهب ڪٿي هوندو آهي؟ ڇا مذهب اوهان کي ٻين کي ڌوکو ڏيڻ ۽ ميدان ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ سيکاري ٿو؟
سندس چوڻ هو ته اوهان کي ميدان تي پرفارم ڪرڻ لاءِ پئسا ڏنا ويندا آهن ۽ اوهان ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران ٽيم ۾ ڌڙابندي ۾ شامل ٿي ويندا آهيو.
قومي ڪرڪيٽر ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهڙن رانديگرن جي ترجمانن جي خواهش آهي ته کين وڌيڪ موقعو ڏنو وڃي پر ڇو؟ هي پاڪستان جي ٽيم آهي سندن گهرو ٽيم ناهي جتي هو کيڏي سگهن، جيڪڏهن هو هڪ ٻيو موقعو چاهين ٿا ته هو پنهنجي ٽيم ٺاهي سگهن ٿا، پنهنجي دوستن سان کيڏي سگهن ٿا پر هاڻ پاڪستان ٽيم کي انهن جي ضرورت نه آهي.