اهو ملڪ، جنهن ۾ 18 ورهين کان گهٽ عمر جي ڇوڪريءَ سان شادي تي 15 سال قيد ٿيندو!

اولهه آفريقا جي ملڪ سيوا ليون ۾ 18 ورهين کان گهٽ عمر جي ڇوڪري سان شادي تي 15 سال قيد ۽ 4 هزار ڊالر ڏنڊ جو قانون لاڳو ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ملڪ جي صدر جيولس مادا بائيو گهرواري سان گڏ تخت گاهه فري ٽائون ۾ هڪ تقريب ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين سان شاديون روڪڻ جي قانون تي صحيحون ڪيون.
نئين قانون تحت سيرا ليون ۾ 18 ورهين کان گهٽ عمر جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ تي 15 سال قيد ۽ 4 هزار ڊالر جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
نئين قانون موجب شادي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ گهوٽ ڪنوار جي والدين، ايتري تائين جو مهمانن کي به ڏنڊ سان گڏ سزا ملندي.
سيرا ليون جي صحت واري وزارت موجب ملڪ جي آبادي ۾ ٽيون حصو ڇوڪرين جي شادي 18 سالن کان اڳ ڪئي ويندي آهي، ننڍي عمر ۾ شادي سان ٻار ڄڻڻ دوران فوتين جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي، اسان جي ملڪ ۾ اها شرح ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي.

westafrica sierraleone forcemarriage

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.