بالي ووڊ جي طاقتور ماڻهن منهنجو ڪيرئر تباهه ڪيو:وويڪ اوبراءِ

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ماضيءِ ۾ بالي ووڊ جون سپر هٽ فلمون ڏيندڙ مشهور ڀارتي اداڪار وويڪ اوبراءِ چيو آهي ته انڊسٽري جي ڪجهه طاقتور ماڻهن ڪامياب ڪيرئر ختم ڪيو.
ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ وويڪ اوبراءِ جو چوڻ هو ته ماضيءَ ۾ هڪ وقت اهڙو آيو آهي، جڏهن منهنجون فلمون مشهور هونديون هيون ته مونکي ڪم جي ڪري ايوارڊز ڏنا ويندا هئا پر هاڻي مونکي ڪو به ڪم ناهي ملندو.
اداڪار وڌيڪ ٻڌايو ته پنهنجي ڪيرئر ۾ عروج تي هئس ته اوچتو بالي ووڊ جي طاقتور ماڻهن جي هڪ گروپ منهنجو ڪيرئر ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، هنن فيصلو ڪيو ته مونکي انڊسٽري ۾ ڪو به ڪم نه ڏيندو.
هن جو چوڻ هو ته منهنجي لاءِ اهو زندگيءَ جو ڏکيو ترين وقت هو ڇو ته مون وٽ طاقت نه هئي، مايوسي ۽ ڪاوڙ هئي پر خاموش رهيس ۽ سڀ ڪجهه برداشت ڪيو.
واضح رهي ته وويڪ اوبراءِ سال 2023ع ۾ سلمان خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، ان بعد پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ ان جو ڪيرئر ختم ڪري ڇڏيو، سلمان ۽ وويڪ وچ ۾ سالن کان ايشوريا راءِ کي وٺي ڪري به دشمني هلي رهي آهي.

bollywood vivekobrai actres

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.