ويلز (ويب ڊيسڪ) برطانوي ملڪ ويلز جي حڪومت سياستدانن جي ڪوڙ ڳالهائڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ويلز حڪومت 2026 جي چونڊن کان اڳ هڪ قانون متعارف ڪرائڻ جو عزم آهي، جنهن تحت ڄاڻي واڻي گمراهه ڪندڙ بيان ڏيڻ تي پارليامينٽ ميمبرن کي معطل ڪري سگهجي ٿو.
ويلز حڪومت جي قونصل جنرل مڪ انتونيو چيو ته هو ان اصول تي پابند آهن، ان قانون تحت جيڪڏهن ڪنهن سياستدان گمراهه ڪندڙ بيان ڏنو ته ان جي ايوان جي رڪنيت معطل ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته ويلز حڪومت ۽ پارليامينٽ ۾ موجود اسان سڀ ان قانون سازي لاءِ پرعزم آهيون.
uk england wales