اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف وطن واپسي تي آل پارٽيز ڪانفرنس ( اي پي سي ) سڏائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب، وزيراعظم سمورين سياسي پارٽين کي آپريشن عزم استحڪام تي اعتماد ۾ ورتو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پرڏيهي دوري تان واپسي تي سياسي جماعتن سان مشاورت ڪندو ۽ مشاورت کانپوءِ آل پارٽيز ڪانفرنس جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ رات وطن واپس پهچندو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏني وئي هئي.
نيشنل ايڪشن پلان بابت ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، وفاقي وزير ۽ چئني صوبن جي وڏن وزيرن به شرڪت ڪئي هئي.