بابر اعظم جي ڪپتاني بابت پي سي بي چيئرمين وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

پاڪستان ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان کي تبديل ڪرڻ بابت چيو آهي ته ڪو به فيصلو تڙ تڪڙ ۾ ناهي ڪيو ويندو، جلدبازي وارا فيصلا گهڻي قدر نقصانڪار ثابت ٿيندا آهن.
هن چيو ته هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، رپورٽ ۾ هن ورلڊ ڪپ ۾ ڪارڪردگي بابت تفصيلي روشني وڌي آهي.
پي سي بي چيئرمين چيو ته گيري ڪرسٽن ۽ اظهر محمود کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سڏايو آهي، اڳوڻن ڪرڪيٽرز سان رابطي ۾ آهيان، ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ مشاورت جاري آهي.
هن چيو ته انهن اڳوڻن ڪرڪيٽرن سان رابطي ۾ آهيان جيڪي ڪرڪيٽر کي بهتر ڪرڻ ڄاڻن ٿا، اهڙا اڳوڻا ڪرڪيٽر معاملا سنڀاليندا جن جو روزگار مختلف ٽي وي چئنلز تي پاڪستان خلاف ڳالهائڻ سان ناهي جڙيل.
محسن نقوي چيو ته هڪ اڳوڻي ڪرڪيٽر وڏي محنت سان بهتري لاءِ تفصيلي رپورٽ ڏني آهي، مون کي آئي چار مهينا ٿيا آهن هتي گهڻو ڪجهه ٺيڪ ڪرڻو آهي.
هن چيو ته سوشل ميڊيا پوسٽون ڏسي فيصلا ڪندو آهيان نه ڪندس، پي سي بي سوشل ميڊيا پوسٽن جي بنياد تي ناهي هلي رهيو نه هلڻ ڏيندس.
محسن نقوي چيو ته سڀ کان وڏو هدف اِهو آهي ته قومي ٽيم جي ناڪاري ڪارڪردگي کي بهتر ڪيئن بڻائجي، جنهن ڏينهن دٻاءُ محسوس ڪيو گهر هليو ويندس.
هن چيو ته ڪپتان بابر اعظم کي تبديل ڪرڻ بابت في الحال ڪو فيصلو ناهي ٿيو، ڪپتان کي تبديل ڪرڻ بابت اڳوڻا ڪرڪيٽرز فيصلو ڪندا، مون کي به محسوس ٿيو ته غلطيون ٿيون آهن، پر اڳوڻا ڪرڪيٽرز فيصلو ڪندا، عالمي ڪپ کانپوءِ بابراعظم ۽ وهاب رياض سان ملاقات ناهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني ڪرڪيٽرز سان ملڪي ۽ پرڏيهي پرستار بدتميزي ڪندا ته نتيجن جا ذميوار هو پاڻ هوندا، حارث رئوف سان جنهن بدتميزي ڪئي آهي ان جي خلاف ايف آءِ اي جاچ ڪري رهي آهي.

MohsinNaqvi BabarAzam PCB Pakistancricektteam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.