اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۾ مذهبي آزادي بابت آمريڪي پرڏيهي کاتي جي رپورٽ حقيقتن جي ابتڙ آهي.
اڌ کان وڌيڪ رپورٽ غلط ۽ بنا تحقيق جي آهي، پاڪستان ۾ هر فرد کي مذهبي آزادي آهي.
پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف آستانه جي سرڪاري دوري تي آهي، جتي هو شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ ايس سي اي او جي ميمبرن سان به ملاقات ڪندو.
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪالهه آستانه ۾ مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪيون، وزيراعظم پرڏيهي وزير ۽ ٻين هم منصبن سان به ملاقاتون ڪيون.
پرڏيهي ترجمان چيو ته پهرين جولاءِ تي پاڪستان ۽ ڀارت قيدين جي لسٽ جي مٽا سٽا ڪئي، ڀارت ۾ 365 قيدين جي لسٽ به شيئر ڪئي وئي.
هن چيو ته 1971ع جي جنگ دوران امڪاني طور ڀارتي جيلن ۾ قيد ڪيل فوجي اهلڪارن جي لسٽ به ڀارت حوالي ڪئي وئي آهي جڏهن ته پاڪستان ڀارت ۾ قيد پاڪستانين جي وطن واپسي کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ آمريڪي مخالف ٺهراءَ غور هيٺ آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ رابطي جا ڪيترائي چينل آهن، مختلف معاملن تي هڪ ٻئي سان رابطا رکندا آهيون.
هن چيو ته پاڪستان غزه جي ميڊيڪل جي شاگردن کي پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي اهي شاگرد پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ مختلف شعبن ۾ تعليم پرائيندا.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته دوحه 3 ڳالهين ۾ پاڪستان جي نمائندگي آصف دراني ڪئي، پهرين جولاءِ تي افغان ۽ پاڪستاني عملدارن وچ ۾ ملاقات ٿي هئي.آصف دراني افغان وفد کي افغانستان جي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ ۽ پاڪستاني طالبان جي حمايت کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان کي افغانستان مان دهشتگردن جي حمايت تي خدشا آهن، دوحه ۾ پاڪستان ۽ افغان عملدارن وچ ۾ ڳالهيون به ٿيون آهن.
ڍ ترجمان چيو ته پاڪستان ڪنهن بلاڪ جو حصو ناهي، پاڪستان بلاڪ جي سياست تي يقين نٿو رکي، اسان گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن تي يقين رکون ٿا. پاڪستان ۽ روس جا هڪ ٻئي سان هاڪاري لاڳاپا آهن، روس سان گذريل ڪيترن سالن کان سهڪار وڌيو آهي.
ياد رهي ته معاهدي تحت پاڪستان ۽ ڀارت هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي حراست ۾ قيد قيدين جي لسٽن جي مٽاسٽا ڪندا آهن.
ترجمان موجب پاڪستان 254 ڀارتي قيدين ۽ مهاڻن جي لسٽ ڀارت حوالي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڀارت 452 پاڪستاني قيدين جا تفصيل فراهم ڪري ڇڏيا آهن.
پاڪستان طرفان گم ٿيل 38 پاڪستاني دفاعي اهلڪارن جي لسٽ به ڏني وئي جيڪي 1965 ۽ 1971 جي جنگ کان وٺي ڀارت جي تحويل ۾ آهن.
You might also like