اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشڻ جا فيصلا معطل ڪري ڇڏيا.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ پنج رڪني بئنچ لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙ جڪ بابت فيصلي تي اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير چيو ته نياز الله نيازي ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي هئي.
چيف جسٽس سلمان اڪرم کان سوال ڪيو ته اوهان مون تي اعتراض ڪيو هو؟ جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته مون ذاتي طور اوهان تي اعتراض نه ڪيو هو.
چيف جسٽس چيو ته عدالت کي گهڻو اسڪينڊلائز ڪيو ويو آهي، بس گهڻو ٿيو! ڇو نه نياز الله نيازي جو ڪيس ڊسپلنري ايڪشن لاءِ پاڪستان بار ڏانهن اُماڻيو وڃي. گذريل ٻڌڻي تي ٻه رڪني بئنچ جو به مان سربراهه هئس تڏهن اعتراض ڇو نه ڪيو؟ بئنچ هاڻي مان اڪيلو نه پوري ڪميٽي ٺاهيندي آهي، جڏهن هڪ ماڻهو بئنچ ٺاهيندو هو تڏهن ڪو به اعتراض نه ڪيو ويو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان کي ڪميٽي بئنچ ۾ شامل ڪيو ، ڇا هتي بيعزتي ڪرائڻ لاءِ ويٺا آهيون؟ اسان 3 ميمبر بعد ۾ بئنچ جو حصو بڻياسين، ظاهري طور اعتراض مون تي آهي ان تي نياز الله نيازي جواب ڏنو ته اسان کي اوهان تي اعتراض ناهي.
نياز الله نيازي چيو ته پهرين ٻڌڻي دوران هم ڌر نه هئاسين، جيڪو شخص جيل ۾ آهي ان جو به اعتراض آهي، مان پنهنجي وڪيل جي چوڻ تي اعتراض ڪري رهيو آهيان، ان تي چيف جسٽس چيو ته جنهن همراهه جو ذڪر ڪري رهيا آهيو اِهو جيل مان وڊيو لنڪ تي پيش ٿي چڪو آهي ۽ ان بئنچ جي جوڙجڪ تي ڪو به اعتراض نه واريو هو.
چيف جسٽس چيو ته بئنچ تي اعتراض اُٿاري هيڊ لائنز ٺاهرائڻ چاهيو ٿا، سپريم ڪورٽ کي اسڪينڊلائز ڪندڙ وڪيل جو لائسنس معطل ڪنداسين، ائين نٿو ٿي سگهي جيڪو وڻي ويٺا چئو، بس اوهان ماڻهو ڪيس خراب ڪرڻ چاهيو ٿا.
ان کانپوءِ عدالت بئنچ تي نياز الله نيازي جو اعتراض رد ڪري ڪيس بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
عدالت ڪجهه دير بعد ئي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ٽربيونل جي جوڙ جڪ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حلف کڻڻ بعد اليڪشن ڪميشن ۽ ميمبرز کي چيف جسٽس سان مشاورت جو حڪم ڏنو .
SC LHC ECP tribunalscase