وزيراعظم جو افغانستان کان دهشتگردن خلاف ڪارروائيءَ جو مطالبو

آستانا ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف افغانستان کان دهشتگردن خلاف ڪارروائيءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
آستانا ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت فخر جوڳي ڳالهه آهي، ايس سي او جي چيئرمين طور قازقستان اهم ڪردار ادا ڪيو.
سندس چوڻ هو ته شنگهائي سهڪار تنظيم خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، سندن چئلينجز گڏيل آهن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ايس سي او ترقياتي منصوبن لاءِ متبادل فنڊنگ جو طريقيڪار واضح ڪري.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خطي ۾ امن سلامتي لاءِ شنگهائي سهڪار تنظيم جو ڪردار اهم آهي، خطي جي روشن مستقبل لاءِ جاگرافياتي ۽ سياسي ڇڪتاڻ کان پاڻ کي آزاد ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته پاڪستان واپار لاءِ اهم آهي، سي پيڪ ذريعي ترقي ۽ خوشحالي منزل ماڻهن طرف هلي رهيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته افغان ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، افغان حڪومت کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، مسئلن جي حل لاءِ افغان عبوري حڪومت کي نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل يقيني بڻائڻو آهي.
ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آستانگ ۾ انڊيپينڊينس پيلس پهتو جتي قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيوف، سندس آڌرڀاءُ ڪيو.

Pakistan  SCO  PMShehbazSharif

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.